دلين جا سجدا سچل

دلين جا سجدا سچل

دلين جا سجدا سچل

دلين جا سجدا- سچل (ڪتاب): هي ڪتاب الطاف اثيم جو ترتيب ڏنل اهي، جنهن ۾ سچل سرمست جي حضور ۾ شاعرن جو منظوم نذرانو پيش ٿيل آهي. منظوم خراج پيش ڪندڙ شاعرن ۾ قادر بخش بيدل، فقير نانڪ يوسف، فقير غلام حيدر گودڙيو، مينگهو فقير شر، گهرام فقير جتوئي، عبدالله فقير، موريو فقير سومرو، خدا بخش فقير عباسي، ماستر احمد علي، محمد بخش ’ڪوجهي‘، راضي فقير درازي، شيخ اياز، فقير نادر علي پٺاڻ، فقير رجب علي دلسوز، قاضي علي اڪبر درازي، عطا محمد حامي، رشيد احمد لاشاري، اظهر گيلاني، نواز علي شوق، قطب الدين تاب، شمشير الحيدري، استاد بخاري، امداد حسيني، اميد خيرپوري، احمد خان آصف، تاجل بيوس، فتاح ملڪ، تاج بلوچ، ملڪ نديم، خاڪي جويو، ادل سومرو، عنايت بلوچ، مقصود گل، تاج جويو، هدايت بلوچ، پروانو ڀٽي، اياز گل، مهيسر خادم رفيقي، جمال الدين مومن، منير سولنگي، الطاف اثيم، مختيار ملڪ، مختيار گهمرو، اختر درگاهي، مهر خادم، قربان منگي، نظام زائر، برڪت آزاد ۽ ٻيا شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 128 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سچل چيئر 2008ع ۾ ڇپايو ۽ ان جي قيمت 120 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو